SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


انساني سهائتا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


انساني سهائتا

Humanitarian Assistance

هيومينيٽيرين اسسٽنس

عام طور تي هيءَ سهائتا، ڪنهن به رياست طرفان ٻوڏ، زلزلن، ڏڪار ۽ باهه جهڙن عارضي فطري آفتن سان مُنهن ڏيندي متاثر ٿيلن جي واهر لاءِ آڇي ويندي آهي. بين الاقوامي قانون جي حوالي سان هن اصطلاح مان مُراد ڪنهن به آپدا هيٺ آيل علائقي ۾ ڪنهن اهڙي دفتر جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي، جيڪو انساني الميي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح جو درجو رکندڙ بين الاقوامي قانون مطابق قائم ٿيو هُجي. سهائتا وارو ڪم ڪندي اهڙي ڪنهن اداري تي ڪا به پابندي نه هوندي آهي، پر اهو ڪم رضاڪارانه طور همدرديءَ ۽ هڏڏوکي واري جذبي سان ڪيو ويندو آهي. ڪن جديد نظريي دانن جو خيال آهي ته ”انساني سهائتا“ رڳو عارضي فطري آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ نه، پر سماجي بُحرانن ۽ ڪن علائقن ۾ پکڙيل خاص بيمارين جي تدارڪ لاءِ به ڏني وڃي. بهرحال هن قسم جي مدد کي هڪ هاڪاري ذميواري سمجهندي، راڱي هيٺ آيل علائقي جو ”انساني ڀائپيءَ“ واري تصور موجب توڙي بين الاقوامي برادريءَ جي حصي طور”جائز حق“ تسليم ڪيو وڃي ٿو. چڱو ٿئي جو انساني سهائتا کي هڪ رضاڪارانه جذبي تحت ٿيندڙ سرگرمي نه، پر قانوني تقاضائن جي پورائي رواداريءَ جي ادائگيءَ طور مڃيو وڃي


Remember Me Also:

آگره

ذ. ٻڌل داڻو موهيڙو، رت ڳڙ يا گرمي سبب بدن تي نڪتل ڪوبه داڻو. آرائي. ڇُلڻو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal